غلام عباس ڀنڀرو

غلام عباس ڀنڀرو

غلام عباس ڀنڀرو

غلام عباس ڀنڀرو: غلام عباس ڀنڀرو ولد غلام حسين ڀنڀرو 1947ع ۾ سوڀي ديري تعلقي جي ڳوٺ بچل ڀنڀري ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم، پرائمري اسڪول غلام حسين ڀنڀري مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ هاءِ اسڪول هنڱورجا، انٽر عطا حسين شاهه موسوي ڪاليج روهڙي ۽ بي. اي پاڪستان ڪاليج خيرپور مان ڪيائين. سندس تعلق زميندار گھراڻي سان آهي. هي هڪ قومي ڪارڪن رهيو آهي. سنڌ جي حقن متعلق لکڻ سبب ماضيءَ جي حڪومتن ۾ کيس جيل به موڪليو هو. هن 1960ع ۾ صحافت ۽ شاعري شروع ڪئي. غلام عباس ڀنڀري ۽ سندس سؤٽ عطا محمد ڀنڀري 1968ع ۾ ڀنڀرا ادبي انجمن پاران رسالي ”هوشو“ پبليڪيشن جا چار شمارا ”شهيدان سنڌ“، ”جي. ايم. سيد دي گريٽ“، ”سنڌ يهودي ٽائيپ سازش جي گھيري ۾“ ۽ ”رڻ گجيو راڙو ٿيو“. شايع ڪري وقت جي حڪومت ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو، ۽ نتيجي طور ان پبليڪيشن تي حڪومت پابندي هڻي ڇڏي. هي سنڌ صحافي سنگت جو هڪ وقت مرڪزي صدر ۽ سنڌ ۾ ڪيترن صحافين جو استاد رهيو آهي. غلام عباس جي ڪهاڻي ” سنڌ جا ڪردار ڳالهائن ٿا“ ۽ سندس هڪ نظم ”مان گھران ٿو پاڻي ڏي“ کي وڏي پذيرائي ملي. ڪيترا نوجوان، خيرپور جي تعليمي ادارن ۾ پڙهڻ دوران سندس اوطاق کي هاسٽل طور استعمال ڪندا رهيا آهن. کيس مختلف صحافي، ادبي ۽ سماجي تنظيمن ۽ ادارن پاران ڪيترا مڃتا ايوارڊ، شيلڊون ۽ ميڊل مليل آهن.


لفظ غلام عباس ڀنڀروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو